شيخاڻي 4

شيخاڻي (ذات): هي نسلي طور بلوچ آهن. شيخاڻي، گورچاڻي بلوچن جو هڪ پاڙو آهي. هنن مان سنڌ ۾ به ڪيترائي آباد آهن. بلوچستان جي زيارت شهر ۾ هن ذات جو وڏو تعداد رهائش پذير آهي. زيارت ۾ هنن لاءِ مشهور آهي ته، اتي آباد خان ڪلپرن جي باڪلاڻي پاڙي مان هڪ ثانوي پاڙو شيخاڻي آهي. گورچاڻي بلوچن واري شيخاڻي نک جا بڪراڻي، ٻيراڻي، بابولاڻي، جلباڻي، دوداڻي، شيخاڻي، مٺاڻي، منڪاڻي، ماڻڪاڻي، ميهاڻي، ميراڻي ثانوي پاڙا آهن. شيخاڻي پاڙو چانڊين ۽ چاچڙن جي قبيلن ۾ به آهي. ايس صادق علي پنهنجي تحقيق ۾ هيءَ ذات مگسي قبيلي جي نک مان ڄاڻائي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو